ٽپهرِي ٽه پهري

ٽِپَهرِي/ ٽِه- پهري: ڏينهن (سج اُڀرئي کان وٺي سج لهڻ تائين) جي ورهايل چئن پهرن مان ٽيون پهر. قرون وسطيٰ (وچئين دور ۾) ڏينهن ۽ رات کي آسانيءَ خاطر اٺن پهرن ۾ ورهايو ويو. چار پهر ڏينهن جا ۽ چار پهر رات جا. ڏينهن جي چئن پهرن مان پهريون پهر، سج اُڀرڻ کان وٺي سج ڪانو مٿي چڙهي اچڻ تائين ليکيو ويندو آهي. ٻيو پهر اڌ ڏينهن تي پورو ٿيندو، يعني سج ڪاپار تي اچي ته ٻيو پهر پورو سمجهبو. ان کان پوءِ ٽيون پهر شروع ٿيندو، جنهن ۾ اڳينءَ جي نماز به اچي ويندي آهي. چوٿون پهر سج لڙئي کان وٺي سج لهڻ تي پورو ٿيندو، جنهن ۾ وچئين ۽ سانجهيءَ واري نماز اچي ويندي آهي. مندن ۽ جاگرافيائي حالتن مطابق، پهرن جي انهيءَ ورڇ ۽ مدت ۾ فرق اچي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو


وقت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽپهرِي ٽه پهري
وقت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون